تؤنگ بٺي مخروطي شڪل جي صورت ۾ اٽڪل 25 ميٽر اوچو دڙو آھي. ھتي کوٽائيءَ دوران قلعي جا آثار به مليا آھن. مشهور آرڪيالاجسٽ مجمدار کي کوٽائيءَ مان آمري دور، سنڌو دور ۽ ج' />

تؤنگ بٺي

تؤنگ بٺي: ھي ماڳ 25026\' اتر ويڪرائي ڦاڪ 67034\' اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي، موجوده تونگ لڳ دمبار قطار ويجھو موجود آهي. ڀرسان رتي ناٿ/ رتي شاهه پير جو مقبرو آهي. چشمي جي منھن وٽ پٿر جي پيڙهه وارين ڀتين جي رھت کان سواءِ آمري توڙي ھڙاپا سان ڀيٽڻ جھڙو ٺڪراٺو ملي ٿو. هتي قلعي جا آثار به نظر اچن ٿا.
تؤنگ بٺي مخروطي شڪل جي صورت ۾ اٽڪل 25 ميٽر اوچو دڙو آھي. ھتي کوٽائيءَ دوران قلعي جا آثار به مليا آھن. مشهور آرڪيالاجسٽ مجمدار کي کوٽائيءَ مان آمري دور، سنڌو دور ۽ جھانگارا ثقافت دور جا ٿانوَ مليا هئا. هتان آمريءَ وارو ٻه رنگو ٺڪر، سنڌو جو ڳاڙھي تي ڪارو ٺڪر چٽسالي سان ۽ جھانگارا جا ڪارا پالش ٿيل ٽنگر ٿانو مليا هئا. ان کان سواءِ چقمقي پهڻن وارا اوزار به ھٿ آيا آهن.
ھن ٽڪري تان ڪجهه عرصو ٿيندو ته مقامي ماڻھن کي ٺڪر جي ٿانون ۾ رکيل ھڏا پوريل حالت ۾ مليا ھئا. تونگ جي اوڀر پاسي چوکنڊيءَ جھڙي گھاڙيٽن ۾ ٻه قبرستان آھن، جن تي پڻ ٺڪراٺو موجود آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو